اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾ غيرقانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ تي بحث، نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته ڪارروائي افغانين خلاف نه پر غيرقانوني پرڏيهين خلاف آهي، جن افغانين کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻو آهي اهي ويزا وٺي اچن ۽ ڪاروبار ڪن، افغان شهرين سان اسان جو ڀائيچارو قيامت تائين برقرار رهندو
جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پناهگيرن سان بدسلوڪي جي مذمت ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ جي شهزاد وسيم چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان خلاف نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي، اسان کي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻو آهي ته باعزت طريقو اختيار ڪيو وڃي
سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته معاملو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن تحت حل ڪيو وڃي، نواز ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته افغان پناهگير رڍون ٻڪريون ناهن، زوري بيدخل نه ڪرڻ گهرجي، نواز ليگ جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اسان کي پنهنجي غلطين جو احساس ڪرڻ گهرجي، طالبان سان ڳالهين جو فيصلو ڪنهن جو هو، ڪنهن چيو هو ته طالبان سان ڳالهيون ڪريو، ڪنهن چيو هو ته دهشتگردن کي ڇڏيو، جن دهشتگردن کي ڇڏيو انهن کي ٽي وي تي آڻي معافي وٺرائي وڃي
سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهن کي قوم جي تقدير سان کيڏ جي ڪڌي سازش جي اجازت ڪنهن ڏني؟ غيرقانوني غيرملڪين سان عزت سان پيش اچو، کين پنهنجون شيون واپس کڻي وڃڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، اهو نٿا چاهيون ته غيرقانوني غيرملڪين کي نيڪالي نه ڏيو حڪومت اهو يقيني بڻائي ته افغانين کان انهن جون شيون نه کسيون وڃن