اسلام آباد: وڪيل پاران التوا گهرڻ تي جسٽس طارق محمود جهانگيري جو لطيفو، ٽهڪڙا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل پاران التوا گهرڻ تي جسٽس طارق محمود جهانگيري لطيفو ٻڌايو، جسٽس طارق محمود جي لطيفي تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا

 جوابدار جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي دوران وڪيل التوا جي استدعا ڪئي، جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته توهان دليل ڏيو ۽ ڪيس ختم ڪيو، التوا ڇو پيا گهرو؟

 وڪيل چيو ته مان دليل ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر ڪيس جو فائيل غلطيءَ سان بينچ نمبر 2 ۾ وساري آيو آهيان

 جسٽس طارق محمود چيو ته توهان جي ڳالهه تي لاهور جي وڪيل جو لطيفو ياد آيو، لاهور جو وڪيل التوا کانپوءِ ٻئي ڏينهن عدالت پهتو ته عدالت چيو ته دليل ڏيو

 وڪيل چيو ته سڄي رات تياري ڪئي هئي، صبح جو منهنجو ٻار ڪيس جو فائيل ٿيلي ۾ وجهي اسڪول هليو ويو، جج جي لطيفي تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪ گونجندا رهيا

Read Previous

سينيٽ ۾ پرڏيهين جي نيڪالي تي بحث: دهشتگرد آزاد ڪندڙن کي ٽي وي تي معافي وٺرايو: ڊار

Read Next

طيب اردوان اسرائيلي جارحيت روڪرائڻ لاءِ آمريڪا مٿان دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular