ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٽي وي تان سڌيءَ ريت ڏيکاري وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي سازش جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي پر سندس نظريو اڄ به زنده آهي
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ماڻهو ريفرنس جي ڪارروائي سڌيءَ ريت ڏسڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، استدعا آهي ته ٻڌڻي سڌيءَ ريت ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي
سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ريفرنس تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي