اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سويلينز جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪالعدم قرارڏيڻ بابت فيصلو معطل ڪندي فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي
عدالت سويلينز جي فوجي عدالت ۾ ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو 23آڪٽوبر جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو
جسٽس مسرت هلال پنج ججز جي فيصلي سان اختلاف ڪيو، عدالت چيو آهي ته انٽرا ڪورٽ اپيلن تي فيصلي تائين 102گرفتار جوابدارن جي ٽرائل جو حتمي فيصلو نه ڪيو ويندو
حڪومت عدالت کان 23آڪٽوبر جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي