ميرپورخاص ۾ عورت پاران مڙس خلاف ڌيءَ سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو
مسمات فاطمه شيخ پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد سندس مڙس محمد افضل شيخ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو
فريادڻ عورت مسمات فاطمه شيخ جو چوڻ هو ته مڙس ٻن ورهين کان ڌيءَ کي مسلسل زيادتي جو نشانو بڻائي رهيو آهي
هن چيو ته مڙس وڏي ڌيءَ کي ٻن سالن کان ڌمڪائي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي، مون کي 8 ٻارن جو اولاد آهي، منع ڪرڻ تي مڙس مون کي ڌيءَ مسڪان کي تشدد جو نشانو به بڻائيندو هو
جڏهن ته گرفتار جوابدار جو چوڻ آهي ته زال ۽ ڌيءَ جي الزامن ۾ ڪا صداقت ناھي، گهرو جهيڙي بعد ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي