نوازشريف کي اخلاقي طور وزيراعظم جو اميدوار نه هجڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه وزيراعظم جي لاءِ نوازشريف جي نالي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ آزاد اميدوارن کي پاڻ سان گڏ ملائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهي آهي. پيپلز پارٽي ڪنهن ٻئي پارٽي جي چونڊيل ميمبرن کي شامل نه ڪندي ان ڪري پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اسيمبلي ميمبرن کي ٽوڙڻ نه گهرجي.

هن چيو ته نوازشريف کي اخلاقي طور تي وزيراعظم جي عهدي جو اميدوار نه بنجڻ گهرجي. وزيراعظم جي عهدي لاءِ شهباز شريف يا اياز صادق متبادل اميدوار ٿي سگهن ٿا. نوازشريف جي چونڊ کٽڻ تي ڪيترائي سوال سامهون اچي رهيا آهن ۽ اهو تاثر اچي رهيو آهي ته انهي کي کٽرايو ويو آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته اصل مينڊيٽ انهن ميمبرن وٽ نه پر عوام جي هٿن ۾ آهي. مسلم ليگ نواز کي به تعداد جي پٺيان ڀڄڻ نه گهرجي. نوازليگ کي پنهنجي نعري ووٽ کي عزت ڏيو جو ڀرم رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اهو جمهوريت جي خلاف آهي ته اسان وزيراعظم جي عهدي جو مدو پاڻ ۾ ورهائي وٺون. جمهوريت ۽ رياست جي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته عوام جي مينڊيٽ کي نه ڇيڙيو وڃي ڪنهن جي مينڊيٽ سان کيڏڻ عوام جي جذبن سان کيڏڻ جي برابر آهي. ان ڪري پيپلز پارٽي پنهنجو فيصلو زبردستي نه مڙهيندي پر رياست جو مفاد سامهون رکي اڳيان وڌندي.

Read Previous

پي ٽي آءِ جو وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم، ڪي پي ڪي ۾ جماعت اسلامي سان حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو

Read Next

پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular