لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا جي آرڊيننس سان سنڌ جو ڪو تعلق نه آهي، اهو قومي اسيمبلي جو معاملو آهي، ملڪ ۾ اڃا تائين 2010 وارو اين ايف سي ايوارڊ هلي رهيو آهي، اسان وفاق کي نئون ايوارڊ ڏيڻ لاءِ چيو آهي
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته چاهيون ٿا ته سنڌ مان سينيٽ جي سمورين سيٽن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿين، ٻيون جماعتون به ميدان ۾ لٿل آهن، ڳجهي ووٽنگ دوران ميمبر پارٽي پاليسي جي خلاف ووٽ ڪري سگهن ٿا
هن چيو ته صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ جي سفارش تي پوليس آفيسرز جون بدليون ڪيون ويون آهن، ضرورت پوڻ تي وڌيڪ بدليون به ڪنداسين، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي گهربل بدلين بعد هاڻي امن قائم ڪري ڏيکارڻو پوندو