وزيراعظم شهباز شريف گيس جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪاوڙجي پيو،آڊٽ رپورٽ طلب

اسلام آباد: (سومر: 25 مارچ 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف گيس جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

رپورٽ موجب وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف توانائي واري وزارت کان هڪ کان 3 مهينن ۾ 16 ٽاسڪ مڪمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. وزيراعظم هڪ مهيني ۾ گيس جي قيمتن ۾ تازي واڌ جي فرانزڪ آڊٽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

شهباز شريف گيس جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اوگرا ۽ گيس ڪمپنين جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ 3 مهينن ۾ گيس انفراسٽرڪچر، گيس چوري ۽ ناقص ڪارڪردگي تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ايران، پاڪستان گيس پائپ لائن منصوبي جي مانيٽرنگ جي لاءِ فوري طور تي  بين الوزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاهرا

Read Next

بلوچستان جي وڏي وزير 2 هزار گوسڙو استادن کي هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular