پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪلڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
خانگي نيوز سان ڳالهائيندي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد چيو ته پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن 3 مئي تي 12 لڳي 50 منٽن تي چنڊ ڏانهن موڪليو ويندو
هن چيو ته هي مشن چين جي هينان خلائي لانچ سائيٽ تان خلا ۾ موڪليو ويندو، سيٽلائيٽ آءِ ڪيو بي قمر جي لانچ کي ويب سائيٽ تان لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويندو
هن چيو ته آءِ ڪيوب قمر کي چين ۽ اسپارڪو گڏيل طور تي ڊزائين ڪيو آهي، چنڊ جون تصويرون وٺڻ لاءِ آئي ڪيوب قمر ۾ ٻه ڪيمرا نصب آهن
ڊاڪٽر خرم خورشيد موجب پاڪستان جو سيٽلائيٽ مشن چنڊ جي چوڌاري گردش ڪندو ۽ ان مشن مان حاصل ڪيل تصويرون تحقيقي مقصدن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون
هن چيو ته چين جو سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي لهندو ۽ هي مشن چنڊ جي مٽي گڏ ڪندو