پيٽرول 5 رپيا 45 پئسا سستو: وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي

حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 45 پيسا في ليٽر گهٽتائي ٿي آهي، نئون اگهه 288 رپيا 49 پئسا في ليٽر هوندو

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 42 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 281 رپيا 96 پئسا في ليٽر ٿي ويندي

جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 74 پئسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 63 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي

پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا

Read Previous

پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪلڻ جون تياريون مڪمل، 3 مئي تي روانو ٿيندو

Read Next

ڇهه لک کان وڌيڪ ٽيڪس ڊفالٽرن جي نشاندهي ٿي وئي، فون سم بلاڪ ڪيا ويندا

Most Popular