اسلام آباد: (سومر: 21 آڪٽوبر 2024ع) بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ پارٽي جي ٻنهي سينيٽرز کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل سينيٽر نسيمه احسان ۽ سينيٽر قاسم رونجهو کي استعيفائون ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
سماجي رابطي جي پليٽ فارم(ايڪس) تي سردار اختر مينگل لکيو ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينيٽر نسيمه احسان ۽ سينيٽر قاسم رونجهو کي فوري استعيفيٰ ڏيڻ جو حڪم ڏيون ٿا. جيڪڏهن سڀاڻي تائين استعيفيٰ نه ڏنو ويو ته ٻنهي سينيٽرز کي پارٽي مان نيڪالي ڏني ويندي.