مورو : گچيرو روڊ جي رهواسين غريب بيوه عورت احتجاجي مظاهرو ڪيو

مورو محمد انيس ڪلھوڙو:  مورو شهر جي گچيرو روڊ جي رهواسين غريب بيوه عورت مسمات ارشاد خاتون حب صنوبر حب عبدالستار حب ۽ عبدالغفار حب پريس ڪلب ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ارشاد خاتون حب چيو ته منهنجا مائٽ ڀاء فاروق حب الطاف حب علي حب ۽ نامعلوم ماڻهن گهر تي حملو ڪري منهنجي نياڻي صنوبر حب ۽ عبدالغفار حب جي نڪاح جي هلندڙ رسم ڦٽائي  مردن عورتن تي تشدد ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ زبردستي منهنجي نياڻي صنوبر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڏانهن رڙين تي آس پاس جا ماڻهو پهچڻ تي هو فرار ٿي ويا ۽ اهڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي   هن چيو ته مذڪوره حملي آور منهنجي نياڻي  صنوبر جي شادي زبردستي ڪنهن ٻي ماڻهو سان ڪرائڻ چاهين ٿا جتي هو خوش نه آهي جنهن ڪري هو اهڙيون زيادتيون ڪري رهيا آهن هن چيو ته منهنجي نياڻي صنوبر ۽ عبدالغفار حب سان شادي ڪرائڻ چاهيون ٿا هو پاڻ ۾ خوش آهن منهنجا مائٽ منهنجي نياڻي جو گهر ڦٽائڻ چاهين ٿا  هو اسان کي  موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن   اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪري رهيا آهن پوليس اسان جي نوجوان ببلو کي گرفتار ڪري   اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي هو پولیس کي استعمال ڪري رهيا آهن هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي آئي جي پوليس سنڌ ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ايس ايس ۽ ڊي سي نوشهرو فيروز کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي حملي آور جوابدارن کي قانوني گرفت ۾ آندو وڃي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

ڀان سيدآباد ۾ شراب ۽ منشيات جو ڪاروبار سرعام بغير لائسن جي شراب وڪرو ٿيڻ لڳو

Read Next

موٽروي پوليس بيٽ 30 مورو ٽائيگر ٽو جي ايريام ڪاروائي دوران لاکون روپين جي منشيات ۽ ڪار هٿ جڏهن ت جوابدار فرار

Most Popular