شعيب اختر نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ تي ڪاوڙجي پيو

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر نيوز لينڊ ڪرڪيٽ تي سخت ڇوهه ڇنڊيا. نيوزي لينڊ جي صحت وزارت طرفان پاڪستاني اسڪواڊ کي آخري وارننگ ڏني وئي هئي ته ايس او پيز جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ پاڪستان ٽيم کي وطن واپس موڪليو ويندو. ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته رانديگرن کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي ڇو ته هي ملڪ جي عزت جو سوال آهي. هاڻ اسپيڊ اسٽار شعيب اختر پنهنجي يوٽيوب چينل تي هڪ وڊيو اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾“ هن نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته نيوزي لينڊ جي ان تبصري تي آئون کين اهو پيغام ڏيندس ته هيءَ ڪا ڪلب جي ٽيم نه پر قومي ڪرڪيٽ ٽيم آهي، اسان کي توهان جي ضرورت ناهي. فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته اسان جي ڪرڪيٽ ختم ناهي ٿي، توهان کي اسان جو احسانمند هجڻ گهرجي ته اهڙي ڏکئي وقت ۾ اسان توهان جي ملڪ جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شعيب اختر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان پاڪستان جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيو، توهان کي تميز ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح جا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

Read Previous

اسان کي پنهنجن فلمن ۽ ڊرامن جون ڪهاڻيون تبديل ڪرڻيون پونديون

Read Next

مونکي جيل ۾ ڪوئن جو بچيل کاڌو ڏنو ويندو هو: مريم نواز جو انڪشاف

Most Popular