پي ڊي ايم جا بيروزگار سياستدان اقتدار جي لالچ ۾ انڌا ٿي چڪا آهن: فردوس عاشق

لاهور:   پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر دردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم جا بيروزگار سياستدان اقتدار جي لالچ ۾ انڌا ٿي چڪا آهن.  رپورٽ موجب ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڻ پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن کي ڪورونا کي نظر ۾ رکندي بند ڪري چڪي آهي ۽ سنڌ جون مارڪيٽون شام 6 وڳي بند ڪرايون پيون وڃن.  هن چيو ته منافقت جي انتها آهي ته پنجاب ۾ جلسن جي لاءِ سنڌ مان ماڻهو آندا پيا وڃن. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو بيروزگار ٽولو سياسي بيروزگاري جو بدلو پنجاب جي عوام کان وٺي رهيو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مفاد پرست پي ڊي ايم جا بيروزگار سياستدان اقتدار جي لالچ ۾ انڌا ٿي چڪا آهن ۽ پي ڊي ايم عوام جي زندگي کي خطري ۾ وجهي رهي آهي.  هن چيو ته پي ڊي ايم ڪورونا جي پکيڙ  لاءِ دوستانو ماحول ڏئي رهي آهي. اسان عوام جي حياتين سان کيڏي نٿا سگهون.

Read Previous

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اڄ ملتان ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي

Read Next

ڪورونا وڌيڪ چاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ اٺ هزار کان وڌي ويو

Most Popular