پنڪچر واري جي نالي تي اربين روپين جي کنڊ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

فيصل آباد: ( فيصل آباد ۾ سائيڪل جا پنڪچر ٺاهيندڙ جي نالي تي اربين روپين جي کنڊ جي خريد ۽ وڪرو جو انڪشاف ٿيو آهي.فيصل آباد جي علائقي اعواڻ والا جو رهواسي محمد امتياز 80 لک روپين جي ٽيڪس جو شوڪاز نوٽيس ملڻ تي پريشان ٿي ويو. ايف بي آر جي نوٽيس موجب امتياز جي نالي تي 3 سالن ۾ سوا 6 ارب روپين جي کنڊ جي خريد ۽ وڪرو ٿي.محمد امتياز جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل ۽ سائيڪلن جا پنڪچر لڳائي ننڍن 5 ڀيڻ ڀائرن جو پيٽ پاليندو آهيان. 3 ڊسمبر تي ايف بي آر جو نوٽيس مليو. ڪڏهن شوگرملز ڏانهن ويو ئي ناهيان پر نوٽيس ملي ويو.متاثر شهري ان حوالي سان وڌيڪ چيو آهي ته مون کي خبر ناهي ته منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن استعمال ٿيو. ايف بي آر جي نوٽيس جي جواب ۾ لاهور وڃڻ جو ڀاڙو به مون وٽ ناهي. اربين روپين جي کنڊ کي خريد ۽ وڪرو ڪيئن ڪري سگهان ٿو.

Read Previous

پي سي بي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي لاءِ ارڙنهن رانديگرن تي ٻڌل قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

لاهور وارو جلسو ضرور ٿيندو ۽ عمران خان کي پنهنجي ڪرسي به ڇڏڻي پوندي: مريم اورنگزيب

Most Popular