لاهور وارو جلسو ضرور ٿيندو ۽ عمران خان کي پنهنجي ڪرسي به ڇڏڻي پوندي: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب لاهور جو جلسو  به ٿيندو ۽ انشاءَالله اوهان ڪرسي به ڇڏيندو. هاڻ ڳالهيون جلسي کان وڌي اوهان جي استيعفيٰ تائين پهچي ويون آهن.وزيراعظم عمران خان پاران لاهور جلسي جي حوالي سان ڏنل رد عمل جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب جيڪڏهن لاهور جلسي جو اوهان تي فرق نٿو پوي ته اوهان اهو بيان ئي  نه ڏيو ها. هاڻ سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکي ايف آءِ آر کان ڊڄي رهيا آهيو. اوهان جي غلط فهمي آهي  جو اوهان اهو سوچي رهيا آهيو ته اٽو، کنڊ چوري تي اين آر او ملندو. اوهان جي اها به غلط فهمي آهي ته اوهان کي معيشت ۽ روزگار تباهه ڪرڻ تي اين آر او ملندو.مريم اورنگزيب چيو ته هاڻ اوهان کي غيرقانوني پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ به اين آر او نه ملندو. هاڻ اوهان کي ڪشمير محاذ تي به اين آر او نه ملندو.مريم اورنگيزيب چيو ته عمران صاحب اوهان جي سياسي انتقام جي انتها جيلن جو ڊپ ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ٽي وي  لڳايو هاڻ حالتون مختلف ٿي ويون آهن.منهنجي ڳالهه مڃو ته اوهان به ووٽ چوري خلاف 12 ڊسمبر تي استعيفيٰ ڏئي مينار پاڪستان اچو. ايف آءِ آر ته هاڻ اٽو، کنڊ، بجلي، گيس، دوا، روزگار ۽ ووٽ چورن جي خلاف ڪٽجي چڪي آهي.

Read Previous

پنڪچر واري جي نالي تي اربين روپين جي کنڊ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

Read Next

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: حيدرآباد ۾ سڀاڻي کان اسمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان

Most Popular