سيوهڻ شريف رپورٽ ضمير احمد ڳنڀير پوري سنڌ جيان اڄ ڀان سيدآباد شھر ۾ به سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ مرڪي پئي ، سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي زمين سنڌ جي ملڪيت آھي۔اڄ 6 ڊسمبر تي ڀان سيدآباد ۾ ثقافت ڏهاڙي تي ايس يو پي ضلعه صدر دريا خان لغاري، تعلقه سيوھڻ صدر علي اصغر سولنگي، نائب صدر امير بخش خشڪ ، ٽي ڀان جي صدر سهيل احمد ٻرڙو ۽ جيئي سنڌ محاذ سنڌ جي اڳواڻ قومي اياز علي سولنگي ، گلزار علي مڱڻھار جن جي اڳواڻي ۾ شھرين سان گڏ ڀان سرڪاري اسپتال کان دھلن شرنايئن سنڌي ناچ گانن سان ريلي ڪڍي شھر جي بازار مان ٿيندي دعا چونق تي اچي بعد ۾ پراڻي بس اسٽاپ تي سنڌ جي ثقافت تقريبي پروگرام منقد ڪيو ويوجنھن پروگرام ۾ سياسي سماجي ڌرين سينئر اڳواڻ محمد صفر ڀنڊ ، محمد مٺل لغاري ، ممتاز علي پنهور ، احسان لغاري ، نويد احمد خشڪ ، طالب لغاري ، ۽ قلندري پريس ڪلب جي صحافين شاهد حسين جتوئي ، ضمير احمد ڳنڀير ، محمد علي ميمڻ ، محمد حنيف شاهاڻي ، شھزاد پنهيار ، سجاد علي ميمڻ ، حسنين رضا جويو ، سمير احمد ڳنڀير ۽ ٻين شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ ڪاش ٽي وي جي رپورٽر نظام الدين ڳنڀير ۽ ٻين صحافين مهمانن کي سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ ٽوپي پڻ پارايان