سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ملهايل ايڪتا ڏھاڙي کي نوشهروفيروز واسين ڀرپور موٽ ڏني ۽ سڄو شھر ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو

نوشهروفيروز (ڊ ر)سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ملهايل ايڪتا ڏھاڙي کي نوشهروفيروز واسين ڀرپور موٽ ڏني ۽ سڄو شھر ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو، ھر طرف سڄو ڏينھن ثقافتي رنگ وکريل رھيا، جڏھن ته ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ٿي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناميارن فنڪارن صداقت علي وسطڙو۔ ضامن حيدر، سرن ۽ سازن سان ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو، شرڪت ڪندڙن ڌرتي جي گيتن تي جهمريون پاتيون ۽ محفل سڄو ڏينھن جاري رھي. ٻئي پاسي نور پور مان ڳوٺ سڌار ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ريلي ڪڍي وئي، گاڏين تي ڪڍيل ريلي 12 ڪلوميٽر سفر ڪري پريس ڪلب آڏو پھتي، ريلي جي اڳواڻي اڪبر مورو، بلاول وسڻ، معشوق وڳڻ، گل مورو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا انھن جو چوڻ ھو ته کين سنڌ ڌرتي سان محبت آھي جنھن ڪري ايڪتا ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائي رھيا آھن.

Read Previous

سانگهڙ: ميونسپل ڪميٽي جي عملي جي لاپرواهي ڪتن کي مارڻ لاءِ زھر سان ڀريل مٺائي رستن جي پاسي کان اڇلائي ويا

Read Next

سکر جي شر چوڪ جي 20 کان وڌيڪ محلن اندر پيءڻ جي پاڻي جي اڻاٺ ڪيتراءي گھر ڏڪ جا پياسي بڻجي ويا

Most Popular