يورپي يونين ترڪي مٿان پابنديون مڙهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

برسلز: يورپي يونين ۾ ترڪي مٿان پابنديون هڻڻ لاءِ وڏي پيماني صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا ويا آهن. عالمي خابرو اداري موجب سومر جي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ترڪي کي گيس جا ذخيره ڳولڻ کان روڪڻ لاءِ پابنديون مڙهڻ لاءِ صلاحون ڪيون البت ان حوالي سان آخري فيصلو 10 ۽ 11 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ترڪي جي صدر طيب اردگان جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به ڌمڪي يا بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو، هن اهو به چيو ته هڪ دفعو ٻيهر بحيره روم ۾ ممڪن توانائي جي ذخيرن بابت يورپي ملڪن کي ڳالهين جي دعوت به ڏيان ٿو.

Read Previous

باڪسنگ اسٽار فلائيڊ مي ويدر پاران ٽن سالن بعد رنگ ۾ واپسي جو اعلان

Read Next

مني لانڊرنگ ڪيس: احتساب عدالت شهباز شريف جي گهر واري کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular