وزيرخان مسجد ۾ شوٽنگ: ڪيس ۾ سائبر ڪرائيم جا قلم هڻڻ جي سفارش

لاهور: تاريخي مسجد وزيرخان ۾ شوٽنگ جي معاملي تي پراسڪيوشن ڪيس ۾ سائبر ڪرائيم جا قلم هڻڻ جي سفارش ڪئي آهي. پراسڪيوشن ڪيس ۾ سائبر ڪرائيم جا قلم شامل ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته واقعي جا سوشل ميڊيا تي فوٽيج وائرل ٿيا هئا، سي سي پي او لاهور ڪيس ۾ وڌيڪ قلم شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيو، پوليس چالان مڪمل ڪري پراسيڪيوشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو هو. ياد رهي ته ان معاملي تي اداڪاره صبا قمر جي سيشن ڪورٽ عبوري ضمانت منظور ڪئي آهي. گذريل وقت ۾ صبا قمر ۽ بلال سعيد جي البم جي هڪ گاني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ٻئي فنڪار لاهور جي مسجد وزيرخان ۾ موجود هئا.

Read Previous

نيوزيلينڊ خلاف پريڪٽس ميچ ۾ شاهين آفريدي ڇهه شڪار ڪري ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو

Read Next

ماهرا ۽ فواد جي رومانوي فلم ”نيلوفر“ جي شوٽنگ مڪمل

Most Popular