سڪرنڊ جي سماجي ڪردار ۽ سنڌ جاڳرتا فورم جي اڳوڻي چيئرمين ميرمحمد حسيني سان سندس سماجي خدمتن تي سماجي شھري اتحاد سڪرنڊ پاران مڃتا تقريب رکي وئي

سڪرنڊ(رپورٽ) سڪرنڊ جي سماجي ڪردار ۽ سنڌ جاڳرتا فورم جي اڳوڻي چيئرمين ميرمحمد حسيني سان سندس سماجي خدمتن تي سماجي شھري اتحاد سڪرنڊ پاران مڃتا تقريب رکي وئي، تقريب جي صدارت الخدمت سڪرنڊ جي صدر ڪنور راشد مڪرم ڪئي، ميرمحمد حسيني جي شخصيت تي شھر جي مختلف سياسي سماجي ادبي ۽ صحافتي ڌرين پنهنجا ويچار ونڊيا جن ۾ نياز چانڊيو، قربان چوهاڻ، حسين بخش ڪيريو، مشتاق ماڃوٺو، واحد بخش عمراڻي، مجيد عباسي، قربان ڪيريو، جاويد علي سومرو، اصغر ڪيريو، سيد بھار علي شاھ ۽ ٻين خطاب ۾ چيو ته ميرمحمد ۾ انسانيت جي خدمت جو جذبو موجود آھي ۽ اهو ئي سبب آھي جو هي غريب هوندي به وس آھر پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، ان موقعي تي ميرمحمد حسيني کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ گلن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا

Read Previous

ڊپٽي ڊائريڪٽر نرسنگ سنڌ خيرالنساء آغا خان اسپتال سان مِلی ايم او يو MOU تي سائن ڪئي

Read Next

حڪومت سخت پريشاني جي حالت ۾ آهي ۽ تنهن ڪري جلد چونڊون چاهي ٿي ، صدارتي آرڊيننس به آئين کي تبديل نٿو ڪري سگهي: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان

Most Popular