پ پ استعيفائون نواز شريف جي وطن واپسي سان مشروط ڪري ڇڏيون

ڪراچي پيپلز پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پي ڊي ايم جي اسيمبلين مان استعيفائن واري فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسيمبلين مان استعيفائن ۽ سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جو معاملو غور هيٺ آيو. بلاول هائوس جي ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي ڪجهه اڳواڻڻ اسيمبلي مان استعيفائن جي مخالفت ڪري ڇڏي. ميمبرن راءِ ڏني ته پارليامينٽ جي فورم کي ڇڏڻ سياسي طور تي بهتر قدم نه هوندو. پ پ پ جي قانوني ماهرن خيالن جو اظهار ڪيو ته استعيفيٰ سينيٽ اليڪشن جي رستي ۾ رنڊڪ پيدا نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن اسان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته ان کان پوءِ اڳتي جي حڪمت عملي بالڪل واضح ناهي. مرڪزي مجلس عامله جي ميمبرن مولانا فضل الرحمان جي بينظير ڀٽو جي ورسي تي غير موجودگي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مقامي سياست جي پٺيان مولانا فضل الرحمان بينظير ڀٽو جي ورسي ڇڏي ڏني ۽ هو چاهي ٿو ته هن جي چوڻ تي اسيمبليون ڇڏي ڏيون. پ پ ميمبرن چيو ته جمهوري قوتن کي ڏٽي ۾ نه اچڻ گهرجي، اسان نئين پي اين اي نٿا بڻائي سگهون، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي نٿي هلي سگهي ۽ واحد پارٽي آهي جيڪا مزاحمتي سياست جي لاءِ تيار آهي، اسان لانگ مارچ لاءِ تيار آهيون، ميان نواز شريف کي وطن واپس آڻي لانگ مارچ جو حصو بڻجڻ گهرجي، ميان نواز شريف جي وطن واپسي تي استعيفائن جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.

Read Previous

ڪرسٽيانو رونالڊو صديءَ جو بهترين فٽبالر قرار

Read Next

مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ: پاڪستان نيوزيلينڊ پاران ڏنل حدف جي مقابلي ۾ ايڪهتر رنسون ٺاهي ورتيون

Most Popular