ويلنگٽنمائونٽ منگنوئي ٽيسٽ ۾ چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي ۽ حدف حاصل ڪرڻ دوران پاڪستاني ٽيم مايوس ڪندڙ شروعات ڪئي. 373 رنسن جي حدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جون 3 وڪيٽون 100 رنسن کان اڳ ئي ڪري پيون. ڪريز تي آيل اوپنر عابد علي ۽ شان مسعود بنا ڪنهن رنس جڏهن ته حارث سهيل 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. جڏهن ته اظهر علي 34 ۽ فواد عالم 21 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. جڏهن ته پاڪستان کي نيوزيلينڊ جي خلاف پهريون ٽيسٽ ميچ کٽڻ جي لاءِ 302 رنسن جي ضرورت آهي.