ڪورونا سبب وڌيڪ 71 ڄڻا فوت، 34هزار ڪيس فعال

اسلام آباد: پوري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان هڪ ڏينهن دوران 71 چڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته فعال ڪسن جو انگ 34 هزار کان وڌي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 039 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن بعد مجموعي ڪووڊ 19 ٽيسٽن جو انگ 67 لک 37 هزار 107 ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 463 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 4 لک 82 هزار 178 ٿي ويو. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سنڌ ۾ 2 لک 15 هزار 679، پنجاب ۾ هڪ لک 38 هزار 608، خيبرپختونخواهه ۾ 58 هزار701، اسلام آباد ۾ 37 هزار 888، بلوچستان ۾ 18 هزار 168، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 277 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 857 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي.

Read Previous

خيبرپختونخواهه حڪومت پاران ڪرڪ ۾ مندر ٻيهر ٺاهڻ جو اعلان

Read Next

پي سي بي ايوارڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular