مچ سانحو: وزيراعظم جي اچڻ تائين تدفين کان انڪار

ڪوئٽه:   مچ سانحي  جي خلاف ڪوئته ۾ ڌرڻي تي ويٺل هزارا برادري ۽ گهرو وزير ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. هزارا برادري وزيراعظم جي اچڻ تائين ميتن جي تدفين کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب گهرو وزير شيخ رشيد هزارا برادري سان ڳالهين جي لاءِ انهن جي احتجاجي ڪيمپ پهتو جتي مظاهرين ڳالهين کان انڪار ڪندي وزيراعظم جي اچڻ ۽ صوبائي حڪومت جي استعيفيٰ جي شرط لاڳو ڪري ڇڏي. شيخ رشيد چيو ته مچ سانحو ظلم ۽ زيادتي آهي هن سانحي تي شرمنده آهيان. وزيراعظم خاص طور تي پنهنجو جهاز ڏئي ڪوئٽه موڪليو. وزيراعظم پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به صورت ۾  مچ سانحي جي ڏوهارين کي نه ڇڏيندس. يقين ڏياريان ٿو ته مچ ۾ دهشتگردي ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. شيخ رشيد چيو ته اوهان عظيم ماڻهو آهيو جيڪي قرباني ڏيندا آهيو ۽ ملڪ سان وفاداري نڀائيندا آهيو. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي گهٽي مان به چار جنازا کنيا ويا آهن. دهشتگردن 4 ڀيرا  منهنجي مٿان به حملو ڪيو. اوهان شهيدن جي تدفين ڪريو. اوهان جيڪو ڏينهن ڏيو، اسلام آباد اچو، سموري شيعه برادري کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني ويندي. جڏهن ته مچ سانحي جي متاثرين کي صوبائي حڪومت 15 لک روپيه ۽ وفاقي حڪومت 10 لک روپيه ڏيندي. ان موقعي تي هزارا برادري جي اڳواڻ  آغا سيد محمد رضا چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻ ڪوئٽه اچي. وزيراعظم پاڻ اچي ۽ هن سمورن معاملن کي ڏسي، 22 سالن کان اسان جو مطالبو آهي ته اسائ کي جيئڻ جو حق ملڻ گهرجي. اسان جي واپارين کي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو. اسان  مٿان نفسياتي ۽ اقتصادي طور تي ٽارچر ڪيو پيو وڃي. گم ٿي ويلن مان جيڪڏهن ڪو ڏوهاري آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم جي اچڻ تائين ميتن جي تدفين نه ڪنداسين. هن چيو ته صوبائي حڪومت جيڪڏهن ڪالهه اچي ها ته شايد ماڻهن کي هن صدمي ۾ ايتري تڪليف نه کڻڻي پوي ها. اسان جو مطالبو آهي ته بلوچستان ڪابينه فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي ۽ مچ سانحي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميٽي جو اعلان ڪيو وڃي. گهرو وزير مچ سانحي بابت جوڊيشل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت جي استعيفيٰ کان سواءِ سمورا مطالبا مڃان ٿو. اڄ يا سڀاڻي صبح جو ويراعظم کي مظاهرين جي پيغام کان آگاهه ڪندس گم ٿي ويلن جي معاملي تي وزيراعظم سان ملاقات ڪندس.

Read Previous

عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي: وزيراعظم

Read Next

سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ تڪرار ختم، ٽن سالن بعد سرحدون کولڻ جو فيصلو

Most Popular