بليڪ ميل نٿو ڪري سگهجي: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هزاره برادري ميتن جي تدفين ڪري اڄ ڪوئٽا ويندس پر وزيراعظم جي اچڻ سان تدفين جو شرط مناسب ناهي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ شايد هزاره برادري تي سڀني کان وڌيڪ ظلم ٿيو آهي ۽ مونکي سڀني کان وڌيڪ خبر آهي ته هنن سان ڪهڙو ظلم ٿيو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته مظاهرو ڪندڙن جا سمورا مطالبا تسليم ڪيا آهن، پر هنن جو مطالبو وزيراعظم جي اچڻ جو آهي، ڪنهن به وزيراعظم کي ائين بليڪ ميل نٿو ڪري سگهجي، اهڙيءَ طرح سڀڪو بليڪ ميل ڪندو، خاص ڪري ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو اڍائي سالن کان ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرائڻ لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.

Read Previous

ڪوئٽا ۾ مچ سانحي خلاف باءِ پاس تي ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري

Read Next

ڪورونا سبب وڌيڪ ستيتاليهه ڄڻا فوت، ٻه هزار نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular