ڀارتي اداڪار عامرخان تي تنقيد ڇو پئي ڪئي وڃي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار عامر خان ماسڪ پائڻ کانسواءِ ٻارن سان ڪرڪيٽ کيڏڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪورونا وائرس جي ڪري هاڻ ماسڪ اسان سڀني جي زندگين جو حصو سمهجيو ويندو آهي ۽ ماسڪ کانسواءِ گهر مان نڪرڻ اسان جي صحت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. سموري دنيا ۾ ڪورونا ڦهليل آهي ۽ ڀارت پوري دنيا ۾ ڪورونا کان متاثر ٻيو وڏو ملڪ آهي. هاڻ تازو ئي بالي ووڊ اداڪار عامر خان جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو بغير ماسڪ جي ٻارن سان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي. ان وڊيو تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران عامر خان مٿان تنقيد جا تير وسايا پيا وڃن ته هن ماسڪ ڇو ناهي پاتو.

Read Previous

ڪورونا سبب وڌيڪ ستيتاليهه ڄڻا فوت، ٻه هزار نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

مودي سرڪار تي تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جو دٻاءُ وڌي ويو

Most Popular