ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه فلمي دنيا ۾ جوهر ڏيکارڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ کان پوءِ هاڻ باقاعده فلمي دنيا ۾ جوهر ڏيکارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. حريم شاهه پاڪستان جي پهرين ۽ ٽي ٽي پليٽ فارم(اسٽريمنگ ويب سائٽ) اردو فلڪس جي ويب سيريز ۾ نظر ايندي. اردو فلڪس جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان گذريل ڏينهن حريم شاهه جي پراجيڪٽ سائن ڪرڻ جي تصوير شيئر ڪئي وئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته حريم شاهه اردو فلڪس جي ويب سيريز جي ذريعي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکڻ وڃي رهي آهي.  ذريعن موجب حريم شاهه کي ويب سيريز(راز) ۾ اداڪاره طور ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. حريم شاهه ويب سيريز جو پرومو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪيو آهي. حريم شاهه جو شمار پاڪستان جي مشهور ترين ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۾ ٿيندو آهي پر هو پنهنجي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز کان وڌيڪ تڪراري وڊيوز سبب وڌيڪ مشهور ٿي آهي. ان کان علاوه مختلف سياستدانن  سان گڏ منظر عام تي ايندڙ تصويرن ۾ به حريم شاهه جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آهي.

Read Previous

آءِ سي سي ٽيسٽ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

Read Next

تهران ۾ القاعده جي ٺڪاڻن بابت آمريڪي بيان خطرناڪ ڪوڙ آهي

Most Popular