پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪاره نوال سعيد به ماهره خان جي ديواني نڪتي

پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪاره ۽ ماڊل نوال سعيد ڪجهه سال اڳ آرٽ ۽ موسيقي ۾ دلچسپي سبب شوبز انڊسٽري کي جوائن ڪيو ۽ هاڻ ان جي مداحن جي اڪثريت ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.پر نوال ڪنهن جي ديواني آهي اهو سندس مداح ضرور ڄاڻڻ چاهيندا. هڪ ويب ٽي وي کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ جڏهن نوال سعيد کان سوال ڪيو ويو ته پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ اهڙي ڪهڙي شخصيت آهي جنهن سان اوهان بنا اسڪرپٽ پڙهندي ئي ڪم جي لاءِ ها ڪندا آهيو؟ اداڪاره جواب ڏنو ته  مان ماهره خان جي ديواني آهيان مون کي لڳي ٿو ته هو جهڙي طرح ڳالهائيندي آهي ۽ ڪم ڪندي آهي اهو خوبصورت آهي.اداڪاره ماهره خان جي نجي ٽي وي تي هلندڙ ڊرامي جو ذڪر ڪندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ان کان بهتر ٻئي ڪابه لو اسٽوري نٿي ٿي سگهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته مان ماهره خان جي وڏي مداح آهيان.

Read Previous

ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ سيريز: پاڪستاني ٽيم ۾ چار کان پنج تبديلين جو امڪان

Read Next

اسرائيل وڃڻ کان انڪار تي عرب اماراتي ايئرلائن جو پائليٽ معطل

Most Popular