ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ به قومي اسڪواڊ ۾ نون چهرن جي انٽري جو امڪان

ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ به قومي اسڪواڊ ۾ نون چهرن جي شموليت جو امڪان آهي.

2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانپوءِ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز پڻ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ سليڪشن ڪميٽي رانديگرن جي نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ان فٽ هجڻ سبب سيريز کان ٻاهر ٿيل شاداب خان جي جاءِ والارڻ لاءِ زاهد محمود مضبوط اميدوار آهي، جڏهن ته فخر زمان جي به ٽيم ۾ واپسي ٿيندي.

Read Previous

آمريڪا ۾ هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، نيشنل گارڊ جا 3 ميمبر فوت

Read Next

مهوش حيات کي جو بائيڊن مان بهتريءَ جون اميدون

Most Popular