ايڪٽيهه ڀيرا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي باوجود عورت صحتمند قرار

ڀارت سان تعلق رکندڙ هڪ عورت جو 5 مهينن دوران 31 ڀيرا ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ هاڪاري اچي چڪو آهي.

راجستان سان تعلق رکندڙ 32 ساله عورت جو گذريل آگسٽ ۾ لاڳيتو ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ هاڪاري اچي رهيو آهي. ان دوران هن جا 14 ڀيرا آر ٽي پي سي آر ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته 17 ڀيرا اينٽي جن ٽيسٽ به ڪرايا ويا جن سڀني ۾ ڪورونا وائرس هاڪاري آيو. مذڪوره عورت جو دماغي توازن درست ناهي ۽ ان جي سار سنڀال جي لاءِ ڪو ويجهو مائٽ به موجود نه آهي. ان لاءِ عورت کي ڀرت پور ۾ سماجي تنظيم(اپنا گهر) جي ٺاهيل سينٽر ۾ رکيو ويو آهي ۽ لاڳيتو 5 مهينن کان هو قرنطينه ۾ آهي.

اپنا گهر سينٽر جي منتظم موجب عورت ۾ 24 آگسٽ 2020 تي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي جنهن کان پواِ لاڳيتو هن جا 31 ڀيرا ٿيندڙ ڪورونا ٽيسٽن جا نتيجا هاڪاري اچي رهيا آهن. پر هاڻ  ان ۾ ڪورونا جي ڪابه نشاني ناهي ڏٺي وئي.

Read Previous

مهوش حيات کي جو بائيڊن مان بهتريءَ جون اميدون

Read Next

افغناستان ۾ اٽلي جي سفارخاني جي گاڏي تي حملو، پنج ڄڻا زخمي

Most Popular