پي ايس ايل جا بقايا ميچ جون ۾ ڪرائڻ جو امڪان

پي سي بي سپرليگ جي 20 مقابلن لاءِ جون 2021 جي ونڊو ڪڍي ورتي آهي.

ذريعن  موجب مقابلن لاءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي مضبوط وينيو آهي جڏهن ته جون ۾ پي ايس ايل ميچ ڪرائڻ جو مقصد آءِ پي ايل جي ختم ٿيڻ کانپوءِ رانديگرن جي موجودگي آهي.

پاڪستان سپرليگ ڪرائڻ لاءِ اڄ پي سي بي جي چيئرمين احسان ماني جي صدارت هيٺ اهم ورچوئل اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاهور قلندر جي انتظاميا چيئرمين جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بائيو سيڪيورببل جي لاءِ پرڏيهي فرم جي خدمتن ۽ خرچن تي فرنچائيز کي چيئرمين اعتماد ۾ وٺندو. 

Read Previous

سعودي عرب ۾ آئل پلانٽ تي حوثي باغين جو راڪيٽ حملو

Read Next

عورتن جي عالمي ڏينهن تي گوگل ڊوڊل تبديل ڪري عورتن کي خراج تحسين پيش ڪري ڇڏيو

Most Popular