پاڪستان ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 8 لک کان ٽپي ويو، وڌيڪ 70 فوتگيون

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 70 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 4825 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 50161 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 4825 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 70 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 9.61 سيڪڙو رهي.

سرڪاري انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 17187 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 8 لک 452 تائين پهچي چڪا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 89219 آهي.

Read Previous

بابر اعظم تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو

Read Next

اڳوڻي نيب چيئرمين محمد امجد براڊ شيٽ ڪميشن کي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

Most Popular