فلم نو ميڊ لينڊ آسڪر جو ميلو لٽي ورتو

لاس اينجلس: فلم”نوميڊ لينڊ“ بهترين اداڪاره ۽ بهترين هدايتڪار سميت ڇهه ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا.

لاس اينجلس ۾ سجايل 93 هين ايوارڊ جو ميلو جتي ريڊ ڪارپيٽ تي ستارن خوب جلوه ڏيکاريا، ڪورونا جي ڪري هن دفعي تقريب ڊولبي ٿيٽر بجاءِ کلي جاءِ تي منعقد ڪئي وئي.

فلم”نوميڊ لينڊ“ بهترين فلم جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، فلم بهترين اداڪاره ۽ بهترين هدايتڪار سميت ڇهه ايوارڊ پنمهنجي نالي ڪيا، نالي وارو هالي ووڊ اداڪار ”ايٿوني هاپڪنز“ فلم”دي فادر“ ۾ شاندار اداڪاري تي بهترين اداڪار جو ايوارڊ حاصل ڪيو جڏهن ته ٽي وي سيريز جا سڀ کان وڌيڪ ايوارڊز نيٽ فليڪس جي مختلف سيريز جي حصي ۾ آيا.

Read Previous

اڳوڻي نيب چيئرمين محمد امجد براڊ شيٽ ڪميشن کي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

Read Next

ڀارت ۾ وڌيڪ ٻه هزار اٺ سئو ڇهه ڄڻا ڪورونا سبب فوت

Most Popular