سنڌ ۾ وڌيڪ 3 عيد اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

ريلوي سنڌ لاءِ 10 کان 16 مئي تائين وڌيڪ 3 عيد اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عيد جي موقعي تي موهن جو دڙو ايڪسپريس جي روٽ ۾ به عارضي واڌ ڏني وئي، عيد اسپيشل ٽرينون ميرپور خاص، لاڙڪاڻي، دادو، روهڙي ۽ سکر جي لاءِ هلايون وينديون.

پهرين عيد اسپيشل ٽرين ڪراچي کان ميرپورخاص صبح 7 وڳي ٻي ٽرين دادو کان لاڙڪاڻي صبح 7 وڳي هلندي، ٽين اسپيشل ٽرين ڪراچي کان سکر صبح ساڍي 11 وڳي هلائي ويندي.

دادرو، لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ شريف جي عوام لاءِ موهن جو دڙو ايڪسپريس کي ڪراچي تائين هلايو ويندو، سموريون عيد اسپيشل ٽرينون 70 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلايون وينديون.

Read Previous

فيس بڪ صارفين لاءِ ڪهڙن نون فيچرز جي آزمائش شروع ڪئي آهي؟

Read Next

تعزيت

Most Popular