پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي

آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن  ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري تيار ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 1 روپيه 90 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. اوگرا هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه 25 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني آهي. اوگرا جي سمري تي ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. گذريل هفتي آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) گاسليٽ لاءِ ايل اين جي جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو هو.

اوگرا مئي لاءِ درآمدي ايل اين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سوئي ناردرن سسٽم لاءِ ايل اين جي جي في يونٽ قيمت ۾ 0.48 ڊالر اضافو ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ يپٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي.

اوگرا پنهنجي ورڪنگ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ روپيه ٽيانوي پئسا في ليٽر واڌ تجويز ڪيو آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه 35 پئسا في ليٽر واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

Read Previous

شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج

Read Next

پرڏيهي وزير سان فلسطيني سفير جي ملاقات، غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالهيون

Most Popular