ڪورونا سبب وڌيڪ 37 فوتگيون، هاڪاري ڪيسن جي شرح 2.55 سيڪڙو رڪارڊ

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 37 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1050 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون آيل 1050 نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ مجموعي ڪيسن جو انگ 9 لک 48 هزار 268 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 2.55 سيڪڙو رهي.

هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 37 ڄڻا ڪورونا سبب فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 21 هزار 977 ٿي ويو آهي.

Read Previous

عائزا خان مداحن کي پنهنجي پسنديده بالي ووڊ فلم جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ابراهيم رئيسي ڪامياب

Most Popular