ناليوارو اداڪار انور اقبال بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو

ناليوارو ۽ سينيئر ٽي وي اداڪار انور اقبال بلوچ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

وارثن موجب ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا انور اقبال ڪيترن ئي ڏينهن کان گلشن اقبال جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

خانداني ذريعن موجب انور اقبال جي جنازي نماز بيت المڪرم گلشن اقبال ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ هن جي تدفين ميوه شاهه قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

سينيئر اداڪار انور اقبال اردو ۽ سنڌي جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا، هن شمع ۽ آخري چٽان ڊرامن مان بي پناهه شهرت حاصل ڪئي.

Read Previous

آصف علي زرداري جي طبيعت خراب، اسپتال ۾ داخل

Read Next

قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ صهيب مقصود خطرناڪ ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا

Most Popular