اشرف غني جا پاڪستان تي سنگين الزام، عمران خان رد عمل ڏئي ڇڏيو

وزير اعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني طرفان پاڪستان تي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

افغان صدر اشرف غني وچ ۽ ڏکڻ ايشيائي رابطا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان تي الزام هنيو آهي ته پاڪستان مان 10 هزار ويڙهاڪ افغانستان ۾ داخل ٿيا.

اشرف غني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون نه ٿيون ته اسان طالبان جو مقابلو ڪنداسين، اِهو امن لاءِ آخري موقعو آهي.

اشرف غني جي الزامن تي وزير اعظم عمران خان رد عمل ڏيندي چيو ته پاڪستان تي اشرف غني طرفان الزام هنيا پيا وڃن جيڪي سراسر بي بنياد آهن.

Read Previous

ديا مرزا پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو

Read Next

نيوزيلينڊ جي پاڪستان دوري دوران ٽي ٽوئنٽي ميچن جو انگ وڌائڻ جي تجويز

Most Popular