لاهور ۾ سي ٽي ڊي جي وڏي ڪارروائي، 3 افغاني دهشتگرد ماريا ويا

لاهور ۾ ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪائونٽر ٽيريزم ڊپارٽمينٽ وڏي ڪارروائي ڪئي آهي.

سي ٽي جي ترجمان موجب دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع ملڻ تي لاهور جي علائقي فيروز آباد ۾ ڇاپو هنيو ويو جتي دهشتگرد ڪرائي جي هڪ دڪان ۾ رهيل هئا.

ترجمان موجب دهشتگرد حساس ادارن، سيڪيورٽي فورسز ۽ اهم شخصيتن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.

هن ٻڌايو ته سي ٽي ڊي جي ڇاپو دوران دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جواب ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جو مقابلو ٿي پيو نتيجي ۾ 3 دهشگرد ماريا ويا آهن.

Read Previous

فيسبڪ جون پرائيويسي سيٽنگز هڪ ڀيرو وري تبديل

Read Next

آمريڪا جي پاڪستان لاءِ سفري پابندين ۾ نرمي

Most Popular