پيٽرول پمپ ٻاهران مڙس جي انتظار ۾ بيٺل عورت سان اجتماعي لڄالٽ

سيالڪوٽ ۾ پيٽرول پمپ ٻاهران مڙس جي انتظار ۾ بيٺل عورت کي اغوا کانپوءِ مبينا طور اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

صدر ٿاڻي جي علائقي ۾ مڙس گهرواري کي بيهاري پيٽرول وجهرائڻ ويو ته 5 اڻڄاتل جوابدار عورت کي گاڏي ۾ اغوا ڪري ويا ۽ مبينا طور تي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار آر پي او گوجرانوالا کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن جي فوري طور گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Read Previous

ڏکڻ وزيرستان: فورسز جي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، 7 فوجي جوان شهيد

Read Next

عدليه کي اثاثن بابت جواب ڏيڻو پوندو: اسد عمر

Most Popular