پي سي بي جا ڇَيهه ڇِڄي پيا، نيوزي لينڊ دورو ختم ڪري ڇڏيو، سيريز ملتوي

پي سي بي

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سيڪيوررٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي اوچتو پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ جي شروع ٿيڻ ۾ دير ٿي هئي جنهن حوالي سان خبرون آيون هيون ته شايد ڪورونا وبا جي ڪري رانديگرن کي هوٽل ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پوءِ اها خبر سامهون آئي ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ميچ معطل ڪئي وئي آهي پر هاڻي ان ڳالهه جي تصديق ٿي وئي آهي ته نيوزي لينڊ جي ٽيم پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو سبب سيڪيورٽي خدشا ٻڌايو آهي.

واضح رهي ته اڄ منجهند 2 وڳي ميچ شروع ٿيڻو هو، ڪرڪيٽ جي شوقينن کي به اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.

ان حوالي سان پي سي بي به هڪ پڌرائي جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيوزي لينڊ جي ٽيم سيڪيورٽي خطرن جو سبب ڄاڻائي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي.

پي سي بي موجب نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ اڄ اوچتو آگاهه ڪيو آهي ته انهن کي سيڪيورٽي الرٽ وصول ٿيو آهي انڪري هڪ طرفي طور سيريز ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پي سي بي جو چوڻ آهي ته اهي شيڊيول موجب دورو جاري رکڻ جا خواهشمند آهن پر نيوزي لينڊ جي اهڙي اوچتو هڪ طرفي فيصلي جي ڪري شوقينن کي به مايوسي ٿي آهي.

غير ملڪي خابرو اداري موجب نيوزي لينڊ جي ٽيم سيڪيورٽي خدشن جي ڪري راولپنڊي ۾ پهرين ون ڊي ميچ جي لاءِ اسٽيڊيم اچڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن کانپوءِ ميچ ملتوي ڪئي وئي هئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪيورٽي اختيارين، پي سي بي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين نيوزي لينڊ جي ٽيم کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهڙيون ڪوششون ناڪام رهيون.

Read Previous

دپيڪا ۽ رنوير سنگهه جي نئين گهر هوش اڏائي ڇڏيا

Read Next

حڪومت جو اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular