راڻا شميم جواب سان گڏ پيش ٿيندو: پٽ احمد حسن ايڊووڪيٽ

گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي پٽ احمد حسن راڻا چيو آهي ته پيءَ جو موقف آهي هو پنهنجي حلفي بيان تي اسٽينڊ ڪري ٿو ۽ هاڻ جواب سان گڏ پيش ٿيندو.

صحافين سان ڳالهائيندي احمد حسن راڻا چيو ته راڻا شميم جو پٽ به آهيان ۽ هاڻ خوش قسمتي سان ان جو وڪيل به آهيان، اڄ ڪيس ملتوي ٿي 26 نومبر تائين هليو ويو آهي، هاڻ راڻا شميم جواب سان گڏ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيندو.

هن وفاقي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته فيصل واوڊا هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو، هن چيو ته راڻا شميم جي پٽ کي نوازيو ويو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل بڻايو، مان ڪڏهن به ايڊووڪيٽ جنرل ناهيان رهيو پر اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل رهيو آهيان، توهان رڪارڊ کڻي ڏسي سگهو ٿا 6 مهينن ۾ منهنجو ڪم ڪيئن رهيو، توهان کي خبر پئجي ويندي ته مان ميرٽ تي ڀرتي ٿيو هيس يا پرچي تي.

سندس چوڻ هو ته هي انڪوائري طلب معاملو آهي ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ وڃڻ گهرجي، سپريم جڊيشل ڪائونسل شاهديون رڪارڊ ٿين، جيڪو حق تي آهي اهو سرخرو ٿي ويندو.

Read Previous

چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان ڪندو: آءِ سي سي جو اعلان

Read Next

فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي

Most Popular