اسرائيلي فوجي هيلي ڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪِري تباهه، ٻه آفيسر مري ويا

اسرائيل جو هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر تباهه ٿيڻ جي واقعي ۾ ٻه آفيسر مري ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

اسرائيلي ڊفينس فورسز ٻڌايو ته ملڪي بحريا جو اهو هيلي ڪاپٽر حيفه جي ڪناري ڀرسان اڏام دوران سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.

حادثي جو شڪار نيول هيلي ڪاپٽر تربيتي اڏام تي هو، حادثي ۾ مرندڙ ٻئي آفيسر ان هيلي ڪاپٽر جا پائلٽ ٻڌايا ويا آهن.

Read Previous

پي سي بي ايوارڊز 2021 لاءِ نامزدگين جو اعلان، شاهنواز ڏاهاڻي به شامل

Read Next

سانگهڙ فلور مل ڊي ايف سي روشن علي منگي فڊ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سستي اٺي جا اسٽال لڳائي ڇڏيا

Most Popular