دل جي مريضن لاءِ بري خبر، هاڻ اين آءِ سي وي ڊي مفت آپريشن نه ڪندو

دل جي مرضن واري  قومي اداري (اين آءِ سي وي ڊي) جي انتظاميا مريضن کي بري خبر ٻڌائي ڇڏي.

اين آءِ سي وي ڊي جي سربراهه پروفيسر نديم قمر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي مريضن جي معاوضي کانسواءِ اينجيو پلاسٽي روڪي ڇڏي آهي، مستحق مريضن جي اينجيو پلاسٽي زڪوات ۽ ويلفيئر فنڊن مان ڪنداسين.

پروفيسر نديم قمر ٻڌايو ته سڄي ملڪ کان ايندڙ مريضن جي مفت اينجيو پلاسٽي ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو، تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته اختياري اينجيو پلاسٽي جو ڪو به فائدو ناهي.

هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي تي 9 ارب رپين جون رهتون ٿي چڪيون آهن.

ڪارڊيو اسپتال جي سربراهه جو چوڻ هو ته دل جي آپريشنز جو انگ به محدود ڪري رهيا آهيون پر دل جي دوري جي صورت ۾ مفت اينجيو پلاسٽي ڪئي پئي وڃي، فالج يا اسٽروڪ جو علاج مفت ۾ جاري رهندو ۽ ٻارن جي دل جا آپريشن به مفت ڪيا ويندا.

Read Previous

ايران نئون ميزائل تيار ڪري ورتو، اسرائيل تائين رينج جي دعويٰ

Read Next

سي پيڪ نه هلي سگهندڙ کي به سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هر دفعي وانگر وزيراعظم عمران خان ملتان سان زيادتي ڪئي: پ پ چيئرمين

Most Popular