سينيٽ ۾ عددي اڪثريت باوجود اپوزيشن کي وري شڪست، حڪومت اهم بل منظور ڪرائي ورتا

سينيٽ اجلاس ۾ عددي اڪثريت باوجود اپوزيشن هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست جو منهن ڏٺو ۽ حڪومت طرفان پيش ڪيل 3 بل منظور ٿي ويا.

ايوان ۾ اهم قانون سازي دوران اپوزيشن پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، حڪومت آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ٻيو ترميمي بل، اقرا الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪونسلز سميت 3 اهم بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

اوگرا ترميمي بل تي دلاور خان گروپ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ بل جي منظوري تي اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪيو.

اوگرا ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ ۾ آيو ته چيئرمين کيس چيو توهان هليا وڃو، بل منظور ٿي چڪو آهي، توهان سدائين جيان اڄ به دير سان آيا آهيو.

پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته بل جي منطوري تي شرمنده آهيون، بل کي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ وڃڻ گهرجي ها.

سينيٽ ۾ اوگرا ترميمي بل کانسواءِ الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪونسلز بل به منظور ٿيو، سينيٽ چيئرمين جي ووٽ هڪ ڀيرو ٻيهر فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو.

الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪونسلز  بل پيش ڪرڻ جي رٿ تي ووٽ 29-29 سان برابر ٿيا ته سينيٽ چيئرمين پنهنجو ووٽ حڪومتي بئنچ کي ڏنو.

سينيٽ چيئرمين اوگرا ترميمي بل جي منظوري اڳ ۾ پوئتي ڪئي ۽ ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت ٿيندي ئي بل منظوري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.

اوگرا ترميمي بل موجب جيڪڏهن وفاقي حڪومت اوگرا جي تجويز ڪيل قيمت 40 ڏينهن ۾ نوٽيفاءِ نه ڪندي اوگرا پاڻ نوٽيفاءِ ڪندي.

اوگرا کي عوامي ٻڌڻي بنا آر ايل اين جي، ايل اين جي جو اگهه طئي ڪرڻ جو اختيار هوندو.

سينيٽ چيئرمين اوگرا ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ته اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪري وئي ۽ دلاور خان گروپ هن ڀيري به حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جنهن کانپوءِ بل منظور ٿي ويو.

Read Previous

اهڙي ڊانسر، جيڪا رقص جو نالو تبديل ڪرڻ چاهي ٿي!

Read Next

عوام اپوزيشن ڏانهن واجهائي رهيو آهي، عوامي آواز تي لبيڪ چوڻ گهرجي: مريم نواز

Most Popular