اهڙو پلان تيار ڪيو آهي جيڪو اپوزيشن کي سمجهه ۾ نه ايندو، پهريان به مافيا جو مقابلو ڪيو، هاڻ به ڪندس: عمران خان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهڙو پلان تيار ڪيو آهي جيڪو اپوزيشن کي سمجهه ۾ نه ايندو. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، فرخ حبيب، اسد عمر، حماد اظهر، شفقت محمود کان علاوه قانوني ٽيم به شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مان هن مافيا کان گهٻرائڻ وارو ناهيان، اهڙو پلان تيار ڪري رکيو آهي جيڪو هنن کي سمجهه ۾ نه ايندو. پهريان به هن مافيا جو مقابلو ڪيو هاڻ به ڪندس. عمران خان چيو ته بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کان پوءِ سڀني جو حساب برابر ڪندس. پنجاب ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن تي جلد ڪنٽرول ڪري وٺنداسين. سمورا ميمبر منهنجو ساٿ ڏيندا. پريشاني جي ڪابه ڳالهه ناهي.

Read Previous

ترين گروپ وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ سمورن صوبائي وزيرن سان لاتعلقي جو اعلان

Read Next

”اسپيڪر کي اختيار آهي ته پارٽي مينڊيٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبر جو ووٽ قبول نه ڪري“

Most Popular