ترين گروپ پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ترين گروپ جي اڳواڻ عون چوري چيو ته اسان جو گروپ وڏي وزير عثمان بوزدار جي تبديلي جي مطالبي تي قائم آهي ۽ پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿينداسين.
هن چيو ته ڪابينا اجلاس عثمان بوزدار جي صدارت ۾ ٿ يندو، جنهن سبب ڪو ميمبر اجلاس ۾ نه ويندو.
ان کان اڳ عون چوڌري گروپ جي سربراهه جهانگير ترين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس حڪومتي شخصيتن سان ملاقات بابت بريفنگ ڏني.