لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هڪ ريلوي اسٽيشن جي ٽوائلٽ ۾ 20 ورهين جي ناري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو انسانيت لڄائيندڙ واقعو 19 مارچ تي اترپرديش جي شهر پرتاب ڳڙهه جي ريلوي اسٽيشن تي پيش آيو، ايس ايڇ او موجب متاثر ناري پنهنجي مڙس سان گڏ اسٽيشن تي ٽرين جو انتظار ڪري رهي هئي ته تڏهن هي واقعو پيش آيو.
ايس ايڇ او ٻڌايو ته ناري جو مڙس ان کي اڪيلو ڇڏي چانهه وٺڻ هليو ويو، ان جي وڃڻ کانپوءِ ”انا“ نالي جوابدار ناري ڀرسان آيو ۽ ان کي هڪ چاٻي ڏني ۽ چيو هي اسٽيشن جي ٻاهر موجود پارڪنگ اسٽينڊ ۾ ٺهيل ٽوائلٽ جي چاٻي آهي، اسٽيشن جي اندر واري ٽوائلٽ خراب هوندي آهي ۽ هوءَ جڏهن چاهي وڃي ان صاف ٽوائلٽ کي استعمال ڪري سگھي ٿي.
پوليس اختيارين موجب ڪجهه دير کانپوءِ ناري ٽوائلٽ استعمال ڪرڻ هلي وئي، جتي جوابدار کيس زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ ناري جو مڙس ان کي اتان ڪڍي آيو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس جي هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي.