مني هيسٽ ٺاهيندڙ جو ان کان به ڪامياب سيريز آڻڻ جو اعلان

لاڪ ڊائون ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي سٺيون ۽ خراب يادگيريون آهن پر هن دور جي هڪ مشهور ايڪشن ۽ سسپنس سيريز ”مني هيسٽ“ آهي، جيڪا Netflix تي جاري ڪئي وئي هئي.

سيريز سڄي دنيا ۾ مقبول ٿي ۽ هاڻي پڄاڻي تي پهچي چڪي آهي.

مني هيسٽ سيريز جو خالق Alex Pina هڪ ٻي نئين سيريز تي ڪم ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته اها سيريز مني هيسٽ سيريز کان وڌيڪ ڪامياب ٿيندي.

هن سيريز جي ڪهاڻي ڪورونا جي عالمي وبا دوران اسپينش طرفان تعمير ڪيل زمين اندر لگزري بيسمينٽس جي چوڌاري گهمي ٿي.

ايلڪس پينا چوي ٿو ته انهن مان ڪجهه لگزري بيسمينٽ، جيڪي اسپينش لاءِ ٺاهيل هيون، 15 فرشن تائين زمين اندر ٺهيل هيون، اهي سئنيما، تلاءُ، اسپا، جم ۽ باغ جهڙين سهولتن سان ليس هئا، انهن بيسمينٽ ۾ 5 سالن کان 75 ماڻهن لاءِ کاڌو ۽ ضروري شيون به رکيل هيون.

Alex جي نئين سيريز ۾ انهن بيسمينٽس ۾ وڌندڙ سماجي، خانداني ۽ رومانوي رشتا به شامل هوندا.

پورٽ موجب سيريز ايندڙ سال رليز ٿيڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

فيس بڪ ۽ انسٽاگرام انتهاپسند قرار

Read Next

اسٽيشن تي ريل جو انتظار ڪندڙ ناريءَ سان لڄالٽ

Most Popular